بند دروازا

بند دروازا: سنڌ ۽ هند جي نامياري ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”بند دروازا“ ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت صرف 8 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب آگسٽ 1981ع ۾، آرميڪ سنڌي ساهتيه پرچار، پوني (ڀارت) پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جون 12 ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي مقبول ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا لکيو آهي ته ”هندستان ۾ سنڌي ادب کي ناقدن، سماج وگيان، من وگيان ۽ اُلٽ وگيان جي ٽن دورن ۾ بند ڪيو آهي، جي اديب پنهنجي جداگانه شخصيت ۽ انداز بيان سان ٽن دورن کان آزاد رهيا آهن، تن ۾ ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻي آهي.“


لفظ بند دروازاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو